پٽ ڪنوار ٻوٽي جي تصوير

پٽ ڪنوار ٻوٽي جي تصوير

پٽ ڪنوار

پٽ ڪنوار (Indian Aloe ):پٽ ڪنوار هڪ قسم جو ٻوٽو، جيڪو گهڻو ڪري وارياسي زمين ۾ ٿيندو آهي، هن جون لامون سهڻن گلن سان ڀرپور، ڳتيل ۽ ڊگهيون ٿينديون، هن ٻوٽي کي ’ايريال‘ ۽ ’ڪنوار ٻوٽي‘ به چوندا آهن. هن ٻوٽيءَ جي پنن مان رس نڪرندو آهي، جنهن کي ’ايريو‘ چوندا آهن. اهو پسارڪي وکر طور دوائن ۾ ڪم ايندو آهي ۽ ڪيترين ئي بيمارين ۾ فائدو ڪندو آهي. هي ننڍو ٻوٽو، کنڀيءَ جي شڪل تي گلن ۽ ڳردار پنن سان ڳتيل، سهڻو، برسات جي موسم ۽ وارياسي زمين ۽ پوٺن ۾ پيدا ٿيندو آهي. هن کي نپوڙي پاڻي ڪڍي جلندر، سلهه، ٻُرهل ۽ يرقان جي مريضن کي پياريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو